ڊاڪٽر رُٿ فاءَ

ڊاڪٽر رُٿ فاءَ

رُٿ فاءَ، ڊاڪٽر Dr. Ruth Pfau

رُٿ فاءَ، ڊاڪٽر Dr. Ruth Pfau: نامياري سماجي ڪارڪن، ڊاڪٽر رُٿ فاءَ جو پورو نالو رُٿ ڪيٽرينا مرٽا فاءَ‘ آھي. سندس جنم 9 سيپٽمبر 1929ع تي جرمنيءَ ۾ ٿيو. ڊاڪٽر رُٿ پنھنجين پنجن ڀينرن مان چوٿين نمبر تي هئي. سندس والد والٽر فاءَ، جرمنيءَ جي ھڪ اشاعتي اداري ’ليپزنگ‘ جو مئنيجر ھو. سندس والدين عيسائين جي پروٽيسٽنٽ فرقي جا ھئا، جڏھن تھ رُٿ، پروٽيسٽنٽ فرقو ڇڏي ڪئٿولڪ فرقي ۾ شامل ٿي. ھن ابتدائي تعليم جرمنيءَ مان حاصل ڪئي، جنھن بعد ماربرگ شھر جي مينز يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪئي، جتي پڙھندي ھوءَ ڪئٿولڪ فرقي جي شاگردن جي ھڪ جماعت جي ميمبر بڻي. تعليم حاصل ڪرڻ بعد ھن ھڪ مقامي اسپتال ۾ ڪم ڪيو. ڊاڪٽر رُٿ، ڪئٿولڪ فرقي بابت مختلف عالمن جا ڪتاب پڙھيا، جن جو مٿس گھرو اثر ٿيو. کيس فرينچ زبان جي بھ ڄاڻ ھئي. 1958ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ قائم جماعت جي ھڪ رڪن ۽ ميڪسيڪو مان آيل دواساز بيرينائيبس ورگاس، رُٿ کي ڪراچيءَ اچڻ جي آڇ ڪئي، جنھن تي ھوءَ 8 مارچ 1960ع تي ڪراچي آئي. ان وقت سندس عمر 30 سال ھئي. رُٿ جي ڪراچيءَ آمد وقت ھتي ڪوڙھھ جي بيماري عام ھئي.
ڊاڪٽر رُٿ ڪراچيءَ اچڻ سان ئي ڪوڙھھ جي مريضن جي مدد ڪرڻ شروع ڪئي. ھن ابتدا ۾ ڪراچيءَ ۾ رھندڙ عيسائي فرقي جي سماجي ڪارڪنن بيرينائيس ۽ سسٽر فرانسز جي مدد سان ’ميري ايڊلائيڊ‘ نالي ھڪ ننڍڙي اسپتال کولي، جنھن ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪوڙھھ سٽيل مريضن لاءِ مفت دوائن، پراڻن ڪپڙن، ڪمبلن، پٽين، کاڄرو تيل، کاڌ خوراڪ ۽ ٻين ضروري شين جو بندوبست ڪيو ويو.
رٿ فاءِ، ڪوڙھھ جي مرض تي مشھور ليکڪن جا ڪتاب پڙھڻ سان گڏ تامل ناڊو ۾ آمريڪي ڊاڪٽر پال برانڊ کان بھ مدد ۽ ڄاڻ حاصل ڪئي. 1964ع ۾ ڪراچيءَ ۾ لانڍيءَ واري علائقي ۾ وڻ ھيٺيان ھڪ اسپتال شروع ڪئي. ھن 1965ع ڌاري ڪوڙھھ جي بيماريءَ تي مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ ڇھن مھينن جو ڪورس تيار ڪيو ۽ ايمبسي اسپتال ميونسپالٽيءَ ۾ سکندڙن جي ننڍي ٽولي کي علم بدن، علم حيات ۽ ڪوڙھھ جي مرض بابت سکيا ڏني. ھن 1970ع ۾ جرمنيءَ مان امداد گهرائي، ڪوڙھھ جي مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ نوان صحت مرڪز کوليا. ھن پاڪستان ۾ لپرسي ڪنٽرول پروگرام ھيٺ ٻاھرين امداد وسيلي، ڪوڙھھ تي ضابطو آندو. بعد ۾ ھن خيبر پختونخوا ۽ افغانستان ۾ ڪوڙھھ جي مرض تي ڪم ڪيو. ڪوڙھھ بابت سندس خدمتن جي مڃتا طور پاڪستان حڪومت 14 آگسٽ 1969ع تي کيس ستارھ امتياز، 23 مارچ 1989ع تي کيس ھلال امتياز ۽ اعـزازي شھـريـت جـا اعـزاز ڏنـا ۽ پاڪـسـتان جي وفاقـي حڪـومت کيس پاڪستان نيشنل لپرسي ڪنٽرول سينٽر (NLCCP) جي اعزازي صلاحڪار مقرر ڪيو. کيس اعليٰ خدمتن عيوض جرمني حڪومت 1969ع، 1978ع، 1985ع ۽ 1994ع ۾ ملڪ جا وڏا اعزاز ڏنا. آمريڪا ۾ ڪوڙھھ جي مريضن جي مدد ڪندڙ اداري ڊيمين ڊيوٽن سوسائٽيءَ کيس 28 سيپٽمبر 1998ع تي اعزاز ڏنو، جڏھن تھ فلپائين حڪومت کيس ’ريمن ميگسيسي‘ اعزاز ڏنو. ڊاڪٽر رُٿ جرمن زبان ۾ پنج ڪتاب لکيا آھن، جن مان ھڪ ڪتاب جو انگريزي ڇاپو ‘To Light a Candle’شايع ٿيو آھي. سندس قائم ڪيل اسپتال MALC ۾ ڪوڙھھ، ٽي. بي ۽ اکين جي بيمارين جو مفت علاج ڪيو ويو ويندو آھي.
ڊاڪٽر رُٿ فاءَ 10 آگسٽ 2017ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.09.09  عيسوي

نامياري سماجي ڪارڪن، ڊاڪٽر رُٿ فاءَ جو پورو نالو رُٿ ڪيٽرينا مرٽا فاءَ‘ آھي. سندس جنم 9 سيپٽمبر 1929ع تي جرمنيءَ ۾ ٿيو.


2017.08.10  عيسوي

ڊاڪٽر رُٿ فاءَ 10 آگسٽ 2017ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀَرَتُ
چارلس ڊاروِن (Charles Darwin)
سيدي علي رئيس
پير بخش خاصخيلي
شعيب ڪڇي شيخ
سيد حيدر شاهه اجناڻي
سلطان مقيم بيگلار جي نياڻي
جالنڌري حفيظ
غلام نبي سمو
فهد مصطفيٰ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون